ملڪ ۾ انتهاپسندي جو وڏو ڪارڻ مدرسا نه، اسڪول ۽ ڪاليج آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ انتهاپسندي جو وڏو ڪارڻ مدرسا نه، اسڪول ۽ ڪاليج آهن، 90ع جَي ڏهاڪي ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ انتهاپسندي جِي تعليم ڏيڻ وارا استاد ڀرتي ڪيا ويا

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسلام سميت ڪنهن به مذهبي تعليم ۾ مسئلو ناهي، مسئلو تشريح ڪرڻ سان ٿيندو آهي، حڪومت ۽ رياست انتهاپسندي سان ويڙهه لاءِ مڪمل طور تيار ناهي، انتهاپسندي اُهو بم آهي، جيڪو ٽِڪ ٽِڪ ڪري رهيو آهي، سياسي ۽ پرڏيهي بنيادن تي صوفين جِي ڌرتي کي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪيو ويو، اسان کي يورپ ۽ امريڪا مان نه، پنهنجو پاڻ مان خطرو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔