غير جمهوري سيٽ اپ قبول نه ڪنداسين، ڇڏي هليا وينداسين: چيف جسٽس گلزار احمد

لاهور: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهي، ڪنهن ۾ اسان کي روڪڻ جي جرئت ناهي، اڄ تائين اسان ڪنهن اداري جي نه ٻڌي آهي ۽ نه ئي ڪنهن جو دٻاءُ ورتو آهي.لاهور ۾ هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو ته مون ڪڏهن به ڪنهن اداري جي ڳالهه نه ٻڌي ۽ نه ئي ڪنهن اداري جو دٻاءُ ورتو، مون کي ڪنهن به نه چيو ته فيصلا هينئن لکو، ڪنهن منهنجي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي، پنهنجا فيصلا پنهنجي سمجهه ۽ آئين ۽ قانون تحت ڪيا

چيف جسٽس چيو ته مون اڄ تائين ڪنهن جي ڊڪٽيشن نه ورتي آهي ۽ نه ئي مون تي اهڙو ڪو اثر ٿيو آهي، اهو ئي منهنجي ججن جو به ڪردار آهي، سپريم ڪورٽ جا جج محنت سان ماڻهن کي انصاف فراهم ڪري رهيا آهن. جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪڏهن غلط فيصلا ايندا آهن ته ڪڏهن صحيح، هي عوام جي راءِ آهي، ڪي چون ٿا فيصلا صحيح، ڪي چون ٿا غلط، هر ڪنهن جي پنهنجي راءِ آهي. هر ڪنهن جي راءِ هوندي آهي، هر ڪنهن جي راءِ جو احترام ڪيو ويندو آهي

هن وڌيڪ چيو ته اها ئي عدليه ۽ جمهوريت جو حسن آهي، اسان ان تي عمل ڪريون ٿا، ڪنهن کي به اسان کي روڪڻ جي جرئت ناهي، اسان جي عدالت هر فيصلو ڪرڻ لاءِ آزاد آهي ۽ اها جيڪا چاهي ٿي ڪري ٿي، اسان جي عدالت سڀني جو احتساب ڪندي آهي، ٻڌايو ڪنهن جو؟ فيصلو ڪنهن جي حڪم تي ٿيو، ائين ناهي، عوام ۾ غلط فهمي پيدا نه ڪيو وڃي.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته ماڻهن کي غلط ڳالهيون نه ٻڌايو، افراتفري نه پکيڙيو، پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي آهي، انسانن جي ناهي، هن چيو ته ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ جمهوريت جي حمايت ۽ ترقي ڪنداسين، ڪنهن به غير جمهوري سيٽ اپ کي قبول نه ڪنداسين، اسان ڇڏي هليا وينداسين، ان کان اڳ به ڇڏي ويا آهيون، اڄ لاءِ ايترو ڪافي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔