ثبوت ملي ويا، شهباز شريف ۽ حمزا شهباز مني لانڊرنگ ۾ ملوث هئا: ايف آءِ اي

ڪراچي: وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جو چوڻ آهي ته دستاويزي ثبوت مليا آهن ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز مني لانڊرنگ ۾ سڌي ريت ملوث هئا، شريف گروپ خلاف ميگا مني لانڊرنگ جي جاچ جاري آهي ۽ جاچ ٽيم پيچيده ڪيس ۾ مالي فراڊ جو پتو لڳائڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي

ايف آءِ اي لاهور طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جاچ ٽيم 16 ارب رپين جي 17 هزار ٽرانزيڪشن جي مني ٽريل جو جائزو ورتو، رقم شريف گروپ جي ڪلارڪن ۽ پٽيوالن جي اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائي وئي، رقم 2008ع کان 2018ع جي وچ ۾ ڪلرڪن ۽ چپڙاسين جي اڪائونٽن ۾ جمع ڪئي وئي آهي

وفاقي اداري موجب شهباز شريف ۽ حمزا شهباز 2008ع کان 2018ع تائين پبلڪ آفيس هولڊر هئا، جاچ ٽيم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي سڌي ريت ملوث هجڻ جا دستاويزي ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن

ايف آءِ اي ن ليگ اڳواڻ جي بيان کي عوام کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي عطاءَ تارڙ جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ڪلارڪن ۽ پٽيوالن جي اڪائونٽس ۾ 16 ارب روپين جي لاءِ شهباز شريف ۽ حمزه شهاز احستاب جي قابل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔