ٻٻرلوءِ ۾ معصوم ٻار کي بدفعلي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل، جوابدارن ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو

ٻٻرلوءِ : ٻٻرلوءِ ۾ معصوم ٻارڙي کي بدفعلي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ جو ڪيس دهشتگرد ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ گرفتار جوابدرن سچل شاهه ۽ مدثر مڱڻهار پوليس اڳيان ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آھي

ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ چيو آهي ته ڪانا ڪُمار جي وارثن گذريل ڏينهن گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي هئي، جاچ ۾ پتو پيو ته ٻارڙي کي بدفعلي بعد قتل ڪري لاش هڪ جاءِ ۾ اُڇليو ويو هو

شروعاتي جاچ ۾ تصديق ٿي آهي ته ٻارڙي کي بدفعلي بعد سروٽا هڻي قتل ڪيو ويو، واردات ۾ استعمال ٿيل سروٽا به تحويل ۾ ورتا ويا آهن، وارثن جو ٻٻرلو ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو، جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔