سنڌ اسيمبلي ۾ ناظم جوکيو مامري تي مخالف ڌر کي ٺهراءُ پيش ڪرڻ نه ڏنو ويو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ ناظم جوکيو مامري تي مخالف ڌر کي ٺهراءُ پيش ڪرڻ نه ڏنو ويو، مخالف ڌر جي ميمبرن پلي ڪارڊ کڻي اسيمبلي اندر احتجاج ڪيو ۽ اسيپڪر جي ڊائس آڏو سخت نعريبازي ڪئي، ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ قاسم سراج سومري پاران تحريڪ طالبان سان ڳالهين خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو جيڪو ايوان مان اڪثريت راءِ سان منظور ٿيو

ٺهراءُ وقت جي وقت اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته اسان کي به ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال واري مامري تي ٺهراءُ پيش ڪرڻ ڏنو وڃي پر ڊپٽي اسپيڪر اهڙي اجازت نه ڏني جنهن تي مخالف ڌر جي ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، مخالف ڌر پاران حڪومت مٿان الزام هنيو ويو ته اهي ناظم جوکيو جو خون لوڙهڻ چاهين ٿا. ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو پاڻي جي کوٽ بابت چيو ته پنجاب گريٽر ٿل ڪينال ٽو ٺاهي 18 لک ايڪڙ زمين َآباد ڪرڻ چاهي ٿو، پنجاب 18 لک ايڪڙ نئين زمين آباد ڪئي ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي، وري ٻيو جلال پور ڪينال به ٺاهيو پيو وڃي، آهي ڪينال نه ٺاهيا وڃن، اسان کي اعتراض آهي ته اهي ڪينال ٺهيا ته سنڌ تباهه ٿي ويندي، هن معاملي تي مخالف ڌر وارا به اسان جو ساٿ ڏين

صوبائي وزير امتياز شيخ ايوان ۾ گيس جي کوٽ تي چيو ته وفاقي سرڪار جي نااهلي سبب سنڌ جي عوام کي گيس نه ٿي ملي ، نه رڳو ٻهراڙي پر گاڌي واري شهر جي ڪلفٽن ۽ ڊفينس ۾ به گيس ناهي، صبح جو اسڪول ويندڙ ٻار به پريشان آهن، پي ٽي آئي سرڪار جي نااهلي سبب 21 هين صدي ۾ به ماڻهو ڪاٺيون ٻارن تي مجبور آهن، وفاقي سرڪار کي خبر به هئي ته کوٽ ٿيندي پر بندوبست نه ڪري سگهي، دوا وانگر گيس به ٽه ڀيرا ملندي، سنڌ 62سيڪرو گيس پيدا ڪري ٿي پر وفاقي وزيرن کي اها به خبر ناهي، سنڌ صوبي جي گيس پوري ملڪ کي ڏني پئي وڃي

هن چيو ته هنن کان گيس جو مسئلو حل نه ٿيندو اسان جي حوالي ڪيو وڃي، اوگرا ۾ فيصلا ٿين ٿا پر گيس پيدا ڪندڙ سنڌ ۽ بلوچستان جي نمائندگي ناهي، امتياز شيخ چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل بابوئن جي فيصلن جا نتيجا سنڌ کي ڀوڳنا پون ٿا، هي آئي ايم ايف جا پٺو بڻجي ويا آهن، سي اين جي بند ٿيڻ ڪري هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن هاڻي ته گهرن ۾ به گيس نه ٿي اچي، سوئي گيس جي ڊسٽريبيوشن سنڌ جي حوالي ڪئي وڃي گيس نڪري به سنڌ مان ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔