جيڪب آباد واسڻ ڳورهاري عورت کي خيرپور ۾ تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو انڪشاف

جيڪب آباد: جيڪب آباد واسڻ ڳورهاري عورت کي خيرپور ۾ مڙس ۽ ڏيرن پاران تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي، ناريءَ جي پيءُ سريچند اوڏ جيڪب آباد ۾ احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي ڳورھاري نياڻي مورزادي کي مڙس سريش ڪمار، ڏير ھريش، سس وزيران اوڏ گڏجي تشدد ڪري قتل ڪيو آهي

هن چيو ته نياڻي کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد دفنايو ويو آهي اسان کي ھفتي کان پوءِ معاملي جي خبر پئي آهي. عورت جي وارثن چيو ته بي سيڪشن پوليس ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اطلاع ڪيو آهي جوابدار بااثر آھن پوليس ڪاروائي نه ٿي ڪري، ڊي آءِ جي سکر، آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔