ناظم جوکيو جي ونِـي شيرين جوکيو پي ٽي آءِ جي وفد سان ملاقات ۽ تعزيت وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ملير: ناظم جوکيو جي ونِـي شيرين جوکيو پي ٽي آءِ جي وفد سان ملاقات ۽ تعزيت وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي، ايم پي اي دعا ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻن جو وفد ناظم جوکيو جي گهر پهتو
شيرين جوکيو جي انڪار بعد وفد ناظم جوکيو جي امڙ سان تعزيت ڪئي ۽ ھر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائي آھي

وفد سان ڳالهه ٻولهه دوران ناظم جوکيو جي امڙ چيو آهي ته کين سڀڻين آڇن سان گڏ ڌمڪيون به ڏنيون وڃن ٿيون، عدالت وڃن ٿا ته اڳيان ۽ پويان شڪي گاڏيون هلنديون آهن، وفد طرفان شهيد ناظم جي پونيئرن سان تعزيت به ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔