ڏکڻ افريڪا جو اڳوڻو ڪپتان اي بي ڊويليئرز هر طرز جي ڪرڪيٽ تان ريٽائر

ڪراچي: ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪپتان اي بي ڊويليئرز ڪرڪيٽ جي هر فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جارحاڻي بيٽسمين اي بي ڊويليئرز سوشل ميڊيا تي ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اهڙي ريت 18 سالن کان وڌيڪ عرصي تي مشتمل ناقابل يقين ڪيريئر جو خاتمو اچي ويو. اي بي ڊويليئرز ٽويٽر پيغام ۾ چيو ته “اهو هڪ ناقابل يقين سفر رهيو آهي پر مون هر طرز جي ڪرڪيٽ مان رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي

هن وڌيڪ چيو ته جڏهن مان پنهنجي گهر جي پٺئين اڱڻ ۾ پنهنجن وڏن ڀائرن سان ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي، تڏهن کان اڄ تائين مان اها راند خالص خوشي ۽ جوش سان کيڏيو آهيان، هاڻي 37 سالن جي عمر ۾ اهو شعلو ايترو تيز نٿو ٻري!“ ڊي ويليئرز موجب ”اها حقيقت آهي جنهن کي مون کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ اهو اوچتو لڳي سگهي ٿو ان ڪري مان اڄ اهو اعلان ڪري رهيو آهيان. مون پنهنجو وقت گذاري ڇڏيو، ڪرڪيٽ مون تي غير معمولي مهربان رهي آهي“.

2004ع ۾ انٽرنيشنل ڊيبيو ڪرڻ کان وٺي، اي بي ڊي ويليئرز 114 ٽيسٽ، 228 ون ڊي ۽ 78 ٽي 20 ميچن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، هن سڀني فارميٽ ۾ 20014 رنسون ٺاهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔