عورتن کي وراثت جي شرعي حق کان محروم رکڻ مڪروھ عمل آهي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي: سپريم ڪورٽ عورتن جي وراثت بابت لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عورتن جي وراثت بابت فيصلو لکيو جنهن ۾ عورتن کي مردن طرفان وراثت جي شرعي حق کان محروم رکڻ کي نفرت جي قابل ۽ مڪروهه قرار ڏنو

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عورتن کي شرعي وراثت کان محروم ڪرڻ مڪروهه عمل آهي ۽ عورتن کي شرعي وراثت سان محروم ڪرڻ الله جي حڪم جي به ڀڃڪڙي آهي

عدالت جو چوڻ آهي ته عورتن کي فراڊ ۽ ٻين حربن ذريعي وراثت کان محروم ڪرڻ عام آهي پر عورتن لاءِ وراثت کان محرومي تڪليف جو سبب بڻجي ٿو، ملڪ ۾ هر ڏينهن مرد وارث عورتون وارث کي حق کان محروم ڪري ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔