منهنجي ريلي تي پٿراءُ نه ٿيو آهي، ٿيو هوندو ته فنڪشنل ذميوار هوندي؛ منظور وساڻ

چونڊڪو : پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي آھي مدو پورو نه ڪندي ۽ وزيراعظم تبديل ٿيندو ، نئون وزيراعظم اليڪشن ڪرائيندو پر اهو پي ٽي آء مان هوندو. هن چيو ته ڊالر جو اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آھي

ھن چيو تھ حڪومت هلائڻ عمران خان جي وس جي ڳالهه نه آھي، ٽئڪس وڌيڪ هجڻ ڪري سنڌ ۾ کنڊ ۽ اٽو مهانگو آھي. منظور وساڻ چيو ته بلدياتي اليڪشن مارچ ۾ ٿيندي، 2013ع واري نظام ۾ ٿوري تبديلي آندي ويندي اليڪشن ڪميشن شيڊول ڏيئي ڇڏيو آھي، اليڪٽرڪ مشين ذريعي اليڪشن ٿيڻ ناممڪن آھي. هن چيو ته منهنجي ريلي تي پٿراء نه ٿيو آھي اگر ٿيو هوندو ته فنڪشنل ذميوار هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔