ڪراچي ۾ سيل ڪيل خانگي اسڪول کي مشروط طور کولڻ جي اجازت

ڪراچي : خانگي اسڪول ۾ عورتن جي واش روم ۾ ڳجهي ڪئمرائن وارو معاملو، تعليم کاتي جي اختيارين مشروط طور سيل ڪيل ڊي هيرڪس اسڪول کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي

ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز موجب صفوران ڳوٺ ويجهو چيپل سٽي ۾ قائم اسڪول کولڻ لاءِ 400 درخواستون آيون، جن ۾ اسڪول کولڻ جي اپيل ڪئي وئي، اسڪول جي انتظاميا تي 50 هزار ڏنڊ وڌو ويو آهي، جيڪو انتظاميا جمع ڪرائي ڇڏيو آهي

اسڪول کي پابند ڪيو ويو آهي ته ٻيهر اهڙي غلطي نه ڪئي ويندي، اسڪول جي وائيس پرنسپال کي به ٻئي شعبي ۾ شفٽ ڪيو ويندو. شڪايت ڪندڙ استادن جون پگهارون جلد جاري ڪيون وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔