ووٽ چوري جا عادي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کان گهٻرائي رهيا آهن: گورنر سنڌ

ڪوٽڙي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کان اهي گهٻرائن پيا جيڪي ووٽ چوري ڪرڻ جا عادي آهن، قوم کي مبارڪ هجي ته ايندڙ اليڪشن ٽائيم تي ٿيندو ۽ ووٽ چوري نه ٿيندو

ڪوٽڙي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو آهي ته اي وي ايم مشين گيم چينجر ثابت ٿيندي ۽ پي ٽي آئي واحد جماعت آهي جيڪا اي وي ايم جي حمايت ڪري رهي آهي

عمران اسماعيل چيو آهي ته وياج جي شرح وڌائي وئي آهي، پاڪستان جي اهڙي ايڪانامي پهرين ڪونه ڏٺي، پاڪستان جو سريو ۽ گاڏيون سڀ کان وڌيڪ کپيون جنهن مان لڳي پيو اڪانامي وڌي پئي

هن چيو آهي ته مهانگائي سڄي دنيا ۾ آهي، حڪومت آئي ته پاڪستان وٽ پئسا نه هئا، ڪورونا جي حوالي سان وزيراعظم جي حڪمت عملي جي ساراهه پئي ٿئي

هن وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي گهڻن اسڪولن ۾ فرنيچر ناهن، پر ان کي بهتر ڪرڻ بجاءِ ساسڪول بند پيا ڪن، وفاق جي پاليسي هڪ صوبي جي نه پر سڀني لاءِ هوندي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔