براؤزنگ تازہ ترین

تازہ ترین

ڪراچي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مھر جو قتل: پوليس کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ قتل ٿيل ڳڙهي ياسين واسي وڪيل عرفان مهر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته عرفان مهر کي 5 گوليون لڳيون، منهن تي 2، سيني تي 2 ۽ ڇاتي تي هڪ گولي لڳي…

سپريم ڪورٽ 16000 برطرف ملازمن کي اسٽي آرڊر تي بحال ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ برطرف ڪيل 16 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي اسٽي آرڊر تي بحال ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين برطرف ڪيل ملازمن کي ميڊيڪل الائونس ۽ ٻيون مراعتون ڏيڻ واري استدعا به رد، جسٽس سجاد علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو…

نمرتا جي عدالتي جاچ پڌري ٿيڻ سان جوابدارن جو پتو پوي ها، آئون سزا لاءِ تيار هيس: انيلا ميمڻ

ڪراچي : شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا عطا الرحمان ميمڻ چيو آهي ته نوشين شاهه معاملي جي پوليس پاران ڪيل شروعاتي جاچ ۾ اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته واقعو خودڪشي آهي، پوسٽ مارٽم اچڻ بعد حقيقت ظاهر ٿيندي،…

گورنر بڻجڻ جي خواهش نه هئي، پارٽي رسمي عهدو ڏئي سائيڊ لائن تي ڪري ڇڏيو: چوڌري سرور

ڪراچي: پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته هن کي گورنر بڻجڻ جي خواهش نه هئي، پر پارٽي کيس رسمي عهدو ڏئي سائيڊ لائن تي ڪري ڇڏيو آهي لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي گورنر چيو ته جيڪڏهن ڪو ڪم جو عهدو ڏنو وڃي ها ته هو ڊيليور ڪري سگهي…

سپريم ڪورٽ پاران ڪي پي حڪومت جي مڪاني چونڊن بابت درخواست رد

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول تبديل ڪرڻ واري صوبائي حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊون پارٽي بنيادن تي ڪرائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي ۽…

سنڌ جي 4 آفيسرن پاران وفاقي حڪومت جو حڪم مڃڻ کان انڪار

ڪراچي: وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ مقرر ڪامورن جون خدمتون واپس وٺڻ واري معاملري تي سنڌ جي 4 آفيسرن وفاقي حڪومت جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ذريعن موجب ڪامورن پاران اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي خط بعد آفيسن ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو هو، ڪالهه سنڌ حڪومت پاران…

سنڌ ڪابينا جو اجلاس 2 ڊسمبر تي طلب

ڪراچي: سنڌ ڪابينا جو اجلاس 2 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي ان اجلاس ۾ 19 ايجنڊائون شامل آهن. اجلاس ۾ مڪاني ادارن بابت ترميمي بل ۽ لاڙڪاڻي کي ميونسپل ڪارپوريشن طور شامل ڪرڻ بابت ڪابينا ميمبرن کي آگاهي ڏني ويندي سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ پاپوليشن…

سنڌ ۾ ڊي آءِ جيز جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي: سنڌ ۾ ڊي آءِ جيز سطح جي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. ڊي آءِ جي خادم حسين رند کي شهيد بينظير آباد ۾ مقرر ڪيو ويو آهي شرجيل کرل ڊي آءِ جي سکر، احمد يار چوهاڻ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي، سيد پير محمد شاهه ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽…

سنڌ ٽيسٽنگ سروس ۾ ڀرتين لاءِ درخواستون وصول ڪرڻ جي تاريخ ۾ واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ٽيسٽنگ سروس گريڊ 5 کان 15 تائين ڀرتين لاءِ درخواستون وصول ڪرڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، آن لائن درخواست جمع ڪرائڻ لاءِ 7 ڊسمبر تائين واڌ ڪئي وئي اميدوار هاڻي 7 ڊسمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا، درخواست جمع…

ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي ٿرڊ ايئر امتحانن ۾ 3 ڀيرا فيل ٿي هئي: رجسٽرار

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جو اڪيڊمڪ رڪارڊ منظر عام تي اچي ويو، جنهن تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي رجسٽرار پاران گهرو کاتي کي خط لکي نمرتا واقعي بابت جاچ رپورٽ طلب ڪئي وئي…