حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ مني بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موبائيل فونز، امپورٽ ٿيندڙ گوشت، بيڪري آئٽمز، برانڊيڊ فوڊ آئيٽمز ۽ دوائون مهانگيون، حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ مني بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي

ناڻي جي وفاقي وزير شوڪت ترين اپوزيشن جي احتجاج ۽ گوڙ دوران فنانس ضمني بل 2021ع پيش ڪيو، بل ۾ امپورٽيڊ موبائيل فونز تي 17 سيڪڙو اضافي ٽئڪس ۽ موبائيل ڪمپينز لاءِ سروسز ايڊوانس ٽئڪس 10 کان 15 سيڪڙو ڪرڻ جي سفارش، بيڪري ۽ برانڊيڊ فوڊ آئيٽمز تي جي ايس ٽي ڇوٽ واپس وٺڻ جي تجويز، دوا سازي لاءِ امپورٽ ٿيندڙ خام مال تي ٽئڪس ڇوٽ واپس، گاڏين جي رجسٽريشن فيس تي ايڊوانس ٽئڪس ۾ 100 سيڪڙو واڌ جي سفارش

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔