وفاقي ڪابينا مني بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا مني بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ مني بجيٽ تي ڪابينا جو خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين ڪابينا کي فنانس بل تي بريفنگ ڏني

وفاقي ڪابينا سفارشن سان مني بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري به تصديق ڪئي

فواد چوڌري چيو ته وفاقي ڪابينا فنانس بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪا هاڻي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي

واضح رهي ته مخالف ڌر مني بجيٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي موقعي تي حڪومت جو مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔