تبديلي سرڪار عوام تي عذاب نازل ڪري ڇڏيو، 2021 مهانگو ترين سال ثابت

اسلام آباد: ڳڻپ واري کاتي موجب 2021 عوام جي لاءِ تبديلي سرڪار جو سڀ کان مهانگو سال ثابت ٿيو، ان سال ۾ ضروري شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي.

وزير اعظم عمران خان ۽ وزيرن جون وڏيون وڏيون دعوائون، تقريرون ۽ بيان ڪجهه به ڪم نه آيا، تبديلي سرڪار عوام کي مهانگي جي شڪل ۾ اهڙا تحفا ڏنا جو هر طرف اها ئي ڪهاڻي آهي، مهانگائي، مهانگائي ۽ بس مهانگائي.

تاريخي مهانگائي جي ڪري عوام وڏي عذاب ۾ مبتلا رهيو، هر مهيني مهانگائي جي وڌندڙ شرح نومبر ۾ 11.5 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي، ائين مهانگائي 2021 کي الوداع ڪيو.

انگن اکرن موجب فيبروري 2021 دوران مهانگائي جو پارو 8.7 سيڪڙو ۽ مارچ ۾ 901 سيڪڙو تائين پهچي ويو، پوءِ اپريل ۾ شرح سال جي ٻي بلند ترين سطح 11.1 سيڪڙو تي پهتي، ڳالهه اتي ختم نه ٿي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر نومبر ۾ مهانگائي سال جي بلند ترين سطح 11.5 سيڪڙو تي پهچي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔