گانڌي ۽ مسلمانن خلاف زهر اوڳاڇيندڙ انتها پسند هندو اڳواڻ گرفتار

هندستان کي برطانيا کان آزاديءَ ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ هندو اڳواڻ مهاتما گانڌي ۽ مسلمانن خلاف نفرت انگيز تقريرون ڪندڙ انتهاپسند هندو اڳواڻ ڪالي چرن مهاراج کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ڀارتي ميڊيا موجب ڪالي چرن مهاراج ڇتيس ڳڙهه جي شهر راءِ پور ۾ هڪ تقريب دوران مهاتما گانڌي ۽ مسلمانن خلاف اشتعال انگيز تقرير ڪئي، جنهن تي اڳوڻي ميئر ۽ ڪانگريس اڳواڻ پرامود ڊوبي سندس خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو

پنهنجي تقرير ۾ انتهاپسند هندو اڳواڻ ڪالي چرن مهاراج چيو هو ته مهاتما گانڌي هندستان کي تباهه ڪيو هو ۽ ان سان گڏ هن ناٿورام گوڊسي کي به خراج پيش ڪيو هو جنهن گانڌي کي قتل ڪيو هو

ان کان علاوه ڪالي چرن مهاراج مسلمانن خلاف زهر اوڳاڇيو ۽ چيو ته اسلام جو مقصد پنهنجي نظريي ذريعي قوم تي قبضو ڪرڻ آهي ۽ ان سان گڏ هن هندستاني عوام کي اپيل ڪئي ته هو هندو ڌرم کي بچائڻ لاءِ ڪٽر هندو سياسي اڳواڻن جي چونڊ ڪن

ميڊيا رپورٽن موجب ڪالي چرن مهاراج ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ روپوش ٿي ويو هو ۽ مهاراج کي گرفتاري کان بچائڻ لاءِ سندس ويجهن ساٿين پنهنجا موبائيل فون به بند ڪري ڇڏيا هئا

هاڻي راءِ پور پوليس تڪراري تقرير ڪرڻ جي الزام ۾ ڪالي چرن مهاراج جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔