ڪو به ايشين ٽائيگر مديني جي رياست جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي:وزيراعظم

لاھور: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پهريون ڀيرو مديني جي رياست ۾ ڪمزور طبقي جي ذميواري رياست ورتي ۽ رياست مدينا جي اڳيان ايشين ٽائيگر ڪا شئي ناھي،

گورنر هائوس لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هيلٿ ڪارڊ جهڙو انقلابي فيصلو هرڪو نٿو ڪري سگهي، هيلٿ ڪارڊ تي 10 لک رپين تائين جو علاج ڪنهن به اسپتال مان ٿي سگهي ٿو، صحت جي سهولت فراهم ڪئي ويندي

هن چيو ته فلاحي رياست اها آهي جتي هر ڪنهن کي ترقي ۽ خوشحالي جا موقعا هجن، مديني ۾ پهريون ڀيرو رياست ڪمزور طبقي جي ذميداري ورتي آھي، فلاحي رياست جو ماڊل مسلم ملڪن ۾ نظر نٿو اچي، اسان کي ان رستي تي اچڻو آهي، جيڪو قوم جي عظمت جو رستو آهي

وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست آڏو ايشين ٽائيگر ڪجهه به ناهي، پاڪستان کي عظيم رستي تي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پنهنجي بهتري لاءِ نيڪي جي نموني تي هلڻ جو حڪم ڏنو آهي

هن وڌيڪ چيو ته هاڻي حڪومت اسپتال ٺاهڻ تي ڪا سيڙپڪاري نه ڪندي، ماڻهو اچي پاڻ اسپتال ٺاهيندا، اسان چاهيون ٿا ته ڏورانهين رهواسين کي هر ماڻهو جو علاج ڪرايو وڃي، مارچ تائين پنجاب جي سمورن خاندانن کي صحت ڪارڊ ملي ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔