سنڌ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ اسڪولن جي ڪاغذن ۾ موجودگي جو انڪشاف

ڪراچي: سنڌ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ اسڪولن جي ڪاغذن ۾ موجودگي جو انڪشاف ٿيو آھي، سنڌ جي تعليم کاتي 4900 ڪاغذن ۾ هلندڙ اسڪول بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي، تعليم کاتي واري سيڪريٽري پاران ٻه ڌار ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ بند پيل يا رڳو ڪاغذن ۾ ھلندڙ اسڪولن بابت تعليم کاتي جي عملدارن ۽ چيف مانيٽرنگ آفيسرن جي ڏنل رپورٽ بعد بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

بند ڪيل اسڪولن ۾ بوائز پرائمري اسڪول، گرلز پرائمري اسڪول ۽ لوئر سيڪنڊري اسڪول شامل آھن. سيڪريٽري تعليم طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اهڙن بند ڪيل اسڪولن ۾ اهي اسڪول شامل آھن جن ۾ نه استاد مقرر ٿيل آهن نه ٻارن جي داخلا آهي ۽ نه ئي وري اسڪولن جون عمارتون آهن. اهڙن اسڪولن کي بند ڪيو ويو آھي. بند ڪيل اسڪول ۾ ننگرپارڪر تعلقي جا 10 اسڪول بند ڪيا ويا آهن جن ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ميوو حجام، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جمعو جگو، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سعيد خان ڀڪو، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخاري پاڙو کاروڙو، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول نانجي پاڙو ڪاسبو، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گوندي ڇڇر، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رامون ڪولهي، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مصري خان پاڙو، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ڀوڏيسر، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول کارڙيو ۽ گورنمينٽ گرلس ننگرپارڪر، بدين ضلعي جا 11 اسڪول بند ڪيا ويا آهن

جن ۾ گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول حاجي يوسف سومرو، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول نور محمد، گورمينٽ گرلز پرائمري اسڪول نظير احمد آرائين، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول براند محمد الياس ڪلهوڙو، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول برانچ محمد بچل چانڊيو. گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مريد ٽالپر، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول کڏي، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول مرزو خان دلواڻي، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عيدو فقير خچي، گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول حفيظ حاجي محمد ملاح، ، گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول چڪ نمبر 36، جڏهن ته دادو جا 6 اسڪول جن ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جمعو ڏيپر، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حمزو رند، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول قائم خاسق ايٽ بچو پنهور، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ميوو کوسو ايٽ پنهون پنهور، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي حفيظ، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رتو خان کوکر، عمرڪوٽ جا گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول فيض محمد لنگواڻي، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خميسو مڱريو، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول شاهي خان رند، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول الله بخش آريسر، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول محمد حيات سومرو ۽ ٻيا اسڪول بند ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔