هٿيارن جي نمائش ۽ فائرنگ ڪري خوف پکيڙڻ تي 2 عورتون گرفتار

لاھور: هٿيارن جي نمائش ۽ فائرنگ ڪري خوف پکيڙڻ تي ٻه عورتون گرفتار ٿي ويون، لاهور ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکيڙيندڙ ٻن مردن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب هٿيارن جي نمائش ڪندي رقص ۽ فائرنگ ڪئي وئي

پوليس عورتن جي ٻن ساٿين کي به گرفتار ڪري ورتو، هٿ ۾ پستول کڻي ڊانس ڪندڙ عورت مهڪا عرف بلي آهي، جيڪا لاهور جي علائقي مصري شاهه جي رهواسڻ آھي

مهڪا عرف بلي نه رڳو پنهنجي گهر جي بالڪوني مان فائرنگ ڪئي پر فائرنگ ۽ ڊانس جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي، فائرنگ ۾ مهر جي دوست ثمينه پٺاڻ به سڀ کان اڳيان هئي، عورت جي ساٿين محمد علي عرف گولا ۽ ذيشان به فائرنگ ڪري علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکيڙيو، سوشل ميڊيا تي وڊيوز ڏسڻ کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔