سياست ۾ زندگي گذري وئي پراهڙيون حالتون ڪڏهن به ناهن ڏٺيون: شگفته جماڻي

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شگفته جماڻي چيو آهي ته سياست ۾ زندگي گذري وئي پر اهڙيون حالتون ناهن ڏٺيون ته عورتون عورتن کي مارين.
گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پيش ايندڙ واقعي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ شگفته جماڻي چيو ته ڪالهه هي دفن ٿيندڙ آرڊيننس پارليامينٽ هائوس ۾ کڻي آيا هئا. شگفته جماڻي ٻڌايو ته اسان احتجاج ڪري رهيا هئاسين ۽ پلي ڪارڊ هٿن ۾ هئا. تحريڪ انصاف جي غزاله سيفي منهنجي هٿ مان پلي ڪارڊ ڦري ڦاڙي ڇڏيو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته مون کيس چيو ته غزالا بدتميزي نه ڪريو پر هن منهنجي آڱر موڙي ۽ واپس ايندي مون کي ٿڦ وهائي ڪڍي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر چيو ته سموري زندگي سياست ۾ گذري وئي پر اهڙيون حالتون ناهن ڏٺيون ته عورتون عورتن کي مارين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔