ڪراچي: اومي ڪرون ۾ مبتلا هڪ ئي خاندان جي11 ڄڻن سان رابطو رکندڙن جو به ٽيسٽ ٿيندو: صحت کاتو

ڪراچي: ڪراچي ۾ هڪ ئي خاندان جي 11 ڄڻن ۾ اومي ڪرون وائرس جي تصديق کان پوءِ متاثر ماڻهن سان رابطي ۾ رهندڙن جو به ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب صحت کاتي جي ٽيم متاثر ماڻهن جي گهر پهتي ۽ متاثر ماڻهن سان گهر ڀاتين ۽ رابطي ۾ رهندڙن جو ڊيٽا گڏ ڪيو ويو آهي. صحت کاتي موجب سمورن ماڻهن جي ڪورونا ٽيسٽنگ ۽ رپورٽ هاڪاري اچڻ جي صورت ۾ سيڪوينسنگ ڪئي ويندي.
صحت کاتي جي اختيارين ٻڌايو آهي ته متاثر ماڻهو گلشن اقبال بلاڪ 7 جا رهواسي آهن جنهن کي گهرن ۾ ئي قرنطينه ڪيو ويو آهي جڏهن ته علائقي ۾ اسمارڪ لاڪ ڊائون جي به سفارش ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔