حڪمران سستي ترين ۽ عوام مهانگي ترين پاڪستان ۾ رهي ٿو:شھباز شريف

لاهور: اپوزيشن ليڊر شھباز شريف چيو آھي تھ حڪمران سستي ترين ۽ عوام مهانگي ترين پاڪستان ۾ رهي ٿو، پي ٽي آءِ سرڪار جي مني بجيٽ معاشي گاڏي جي انجڻ بند ڪري ڇڏي

اپوزيشن ليڊر شهباز شريف حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ذميوار عمران اينڊ ڪمپني آهي، اها ڪمپني اڳ ئي ڪرپٽ هئي، هاڻي ڏيوالپڻي جي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي، عمران خان معاشي جنگ ۾ آءِ ايم ايف اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

ھن چيو ته حڪمران سستي پاڪستان ۾ رهن ٿا ۽ عوام مهانگي پاڪستان ۾ رھي ٿو، قوم تي مهانگائي جو نئون طوفان اچي ويو آهي، 2021ع جي شروعات ۾ عمران نيازي چيو هو ته هن سال مهانگائي ترقي ٿيندي، ترقي جو سال هجي پر اهو تباهي جو سال ثابت ٿيو، هن چيو ھو تھ 2021ع ۾ ڪو به بکيو نھ سمھندو پر ٻارن کان کير بھ کسيوويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔