شهباز شريف وٽ ٻه آپشن آهن، لنڊن وڃي يا جيل: فواد چوڌري

لاھور: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف وٽ ٻه آپشن آهن، لنڊن وڃي يا جيل، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عدالت نوازشريف کي واپس آڻڻ لاءِ قدم کڻي، اسان جي درخواست آهي ته نواز شريف جي ڪيس جي روزاني بنياد تي ٻڌڻي ڪئي وڃي

فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف سمجهي ٿو ته هو ٻڏي رهيو آهي ته پوءِ پورو پاڪستان ئي ٻڏي رھيو آھي، شهباز شريف وٽ ٻه آپشن آهن، لنڊن وڃي يا جيل وڃي

هن چيو ته اسان هنن ٽن سالن ۾ 32 ارب رپين جو قرض واپس ڪيو آهي، عمران خان وزيراعظم نه هجي ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها

هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته سياست ڪرڻ سڀني پارٽين کي حق آهي، اسان چاهيون ٿا ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ قومي سياست ڪن، پ پ بابت پڇيل سوال تي وفاقي وزير چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جيڪڏهن لاهور اچڻ چاهين ته 10 مرلا جي گھر ۾ انھن جو جلسو ٿي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔