نئين سال جو تحفو: حڪومت ايل پي جي سستي ڪر ي ڇڏي

عوام کي نئين سال جو تحفو، ايل پي جِي جو گهريلو سلينڊر 69 رپيا 63 پيسا سستو ٿي ويو ۽ نيپرا بجلي ٽن مهينن لاءِ 99 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

اوگرا پاران جاريل ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جِي جَي گهريلو سلينڊر جِي نئين قيمت 2 هزار 320 رپيا 81 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي ، جڏهن ته ، في ڪلو ايل پي جِي قيمت 5 رپيا 90 پيسا سستي ڪئي وئي.

نوٽيفڪيشم موجب، ايل پي جي جو نئون اگهه 169 رپيا 69 پيسا ٿي ويو، نوان اگهه پهرين جنوري کان لاڳو هوندا.

ٻئي پاسي نيپرا بجلي ٽن مهينن لاءِ 99 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيپرا موجب، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري سال 2021ع جي آخري ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي، فيصلي سان واهپيدارن کي 22 ارب 48 ڪروڙ رُپين جو رليف ملندو.

نيپرا موجب بجلي اگهن ۾ گهٽتائي پهرين ڊسمبر 2021ع کان لاڳو ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔