اي وي سي ايل پوليس جي ڪارروائي، 8 ڪارون، 3 موٽر سائيڪلون هٿ

ڪراچي: اي وي سي ايل پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي اي وي سي ايل اهلڪارن سان گڏ اٺ چوري ٿيل ڪارون ۽ ٽي چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون

اي وي ايل سي ڪراچي ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪندي سب انسپيڪٽر ناصر عباس شاهه (موجوده هيڊ ڪانسٽيبل هاءِ ڪورٽ) کي ٽن ٻين ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان ڪارروايون ۽ ٽي چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن

جوابدار سب انسپيڪٽر ناصر شاهه اي وي ايل سي گلشن ڊويزن ۾ مقرر هو ۽ اڳوڻي ڊي آءِ او گلشن ڊويزن عابد شاهه جو ويجهو مائٽ آهي، عابد شاهه سوڌو ان جي پوري ٽيم کي معطل ڪري ان جي خلاف به جاچ ڪئي پئي وڃي

جوابدار سب انسپيڪٽر ناصر شاهه (موجوده هيڊ ڪانسٽيبل) جوابدار سهيل عرف علي جيڪو پاڻ کي اي ايس آءِ ظاهر ڪري ٿو ۽ جعلي پوليس سروس ڪارڊ به ٺاهي رکيو آهي، هن سان گڏجي مختلف علائقن مان گاڏيون چوري ڪندا هئا، جوابدار اڪثر گاڏين ڪرين ۽ لفٽرز جي ذريعي کڻي پنهنجي ساٿي جوابدار راهد خان يا ٻين ساٿين جي ڪمپائونڊ ۾ لڪائي ڇڏيندا هئا

ڪمپائونڊ جو مالڪ راحد خان جيڪو ٽريفڪ برانچ ۾ مقرر سب انسپيڪٽر جو پٽ آهي، اهو چوري ٿيل گاڏيون اڳتي وڪرو ڪري ٿو يا مختلف ڪٻاڙ ورن کي وڪرو ڪري ٿو

جوابدار جعلي ڪاغذ ٺهرائي ڪجهه چوري ٿيل گاڏيون واٽس ايپ ذريعي وڪرو ڪري ڇڏيندا آهن

جوابدارن جو فرار ٿيل ٻين ساٿين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جوابدارن وٽان وڌيڪ گاڏيون به هٿ ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، گرفتار جوابدارن ۾ ناصر خان، راهد خان، سهيل عرف علي ۽ ناصر شاهه ولد غوث شاهه شامل آهن جن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔