مان به حادثاتي انجنيئر، وزير ۽ ايم پي اي آهيان: سردار شاهه

ڪراچي: ڪراچي ۾ 16هون عالمي ڪتابي ميلو اڄ کان شروع ٿي ويو آهي، ايڪسپو سينٽر تي ڪتابي ميلي ۾ 315 کان وڌيڪ اسٽالز لڳايا ويا، عالمي ڪتابي ميلو 5 ڏينهن جاري رهندو

ڪتابي ميلي کي اڳوڻي تعليم واري وزير پير مظهر الحق خطاب ڪندي چيو آهي ته تعليم وارو وزير سردار شاهه بنيادي طور لکپڙھ وارو اديب آهي، صحيح هنڌ تي کيس مقرر ڪيو ويو آهي

هن چيو آهي ته سردار شاهه کان وچ ۾ تعليم کاتو واپس ورتو ويو پر هن کانسواءِ ڪم نه هليو، بنيادي طور صحافي ۽ ٻارن جو صفحو ڪڍرايو، هتي شاهه لطيف، سچل ۽ لعل قلندر جو ميلو لڳندو آهي پر هي ڪتابي ميلا لڳائڻ جو رجحان وڌڻ گهرجي

ان موقعي تي سيد سردار شاهه چيو ته گهڻا ماڻهو ٿيڻ ڪجهه ٿا چاهين ۽ پر ٿين ڪجهه ٻيو ٿا، آئون به حادثاتي انجنيئر، وزير ۽ ايم پي اي آهيان، منهنجو تعلق ٿر سان آهي جيڪو ريگستان سان ملندڙ آهي، جيڪي ٻين جي هلڻ مان ٻڌائيندا آهن ته ڪير ڪٿي جو آهي، اتان جا ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ ۽ ڳالهين جو آغاز حادثن سان ڪن ٿا

هن چيو آهي ته منهنجو شاعري سان رشتو دل جو رشتو آهي، ڪتاب کي پڙھڻ ۾ رومانس آهي، ليپ ٽاپ ۽ موبائيل ۾ ناهي، منهنجي خواهش آهي ته ٻين شهرن لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ به ميلا ٿين، منهنجون وزارتون حاضر آهن، ڪاغذ جي حوالي سان سنڌ ڪابينا ۾ به موقف رکنداسين ۽ ضرورت پئي ته قرارداد آڻينداسين ته ڪتابن تي ڊيوٽي فري ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔