سيڪيورٽي فورسز جو لکي مروت ۾ آپريشن، خوارج جا ٺڪاڻا تباهه، ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا

لکي مروت: سيڪيورٽي فورسز جي لکي مروت ۾ تازي آپريشن جي دوران خوارج جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ٿي ويا جنهن ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا.

ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جو خيبرپختونخواهه ۾ عزم استحڪام وزن جي تحت موثر انٽيليجنس بيسڊ ڪارروايون جاري آهن. انهي دوران لکي مروت ۾ انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائين جي دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا.

سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو آهي ته لکي مروت ۾ ڪيل اهڙين ڪارروائين جي دوران ڪيترن ئي خوارجن کي ماريو ويو. مارجي ويل خوارج دهشتگردن کان ڳري مقدار ۾ هٿيار، بارودي مواد ۽ ٻيو سامان به هٿ آيو آهي.

آپريشن جي دوران سيڪيورٽي فورسز جي هٿان فتنته الخوارج جي ڪيترن ئي دهشتگردن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. ڪارروائين ۾ انهي ڳالهه کي يقيني بنايو پيو وڃي ته عوام جي جان، مال جو تحفظ رهي ۽ مقامي آبادي کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچي. سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه ۾  پائيدار امن جي قيام ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي  تائين ڪارروايون جاري رکندي پئي ڃي.

 

تبصرے بند ہیں۔