ڪراچي: آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد 8 آگسٽ کان اڻڄاتل مدي تائين هڙتال جوا علان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته پاڪستان جي ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن گڏيل طور تي مطالبن جي منظوري تائين هڙتال جاري رکندي. هن پيٽروليم واري وزير پرويز علي ملڪ کان به استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو.
هن ٻڌايو ته چارٽرڊ آف ڊمانڊ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پيش ڪيو ويو آهي، مطالبا پورا نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڙتال جاري رهندي. ٽرانسپورٽ جي اهم مطالبن ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون روزاني جي بنياد تي طئي مقرر ڪرڻ ختم ڪري ماهوار بنياد تي مقرر ڪرڻ ۽ تازو اضافو واپس وٺڻ شامل آهي. انهي کان علاوه ٽول ٽيڪس ۾ اضافو فوري طور تي واپس وٺي 30 جون 2024 جي سطح تي آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته گڊز ٽرانسپورٽ سيڪٽر تي 7 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪري انهي کي آئل ٽينڪرز جيان 2 سيڪڙو وڃي. جڏهن ته ايڪسل لوڊ قانون تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي ۽ اوور لوڊنگ جي مڪمل روڪٿام ڪئي وڃي.
هن ڪسٽمز جي ايس آر او 2024/1619 جي خاتمي، ڊرائيور جي لاءِ ٽيسٽ کان پوءِ ايڇ ٽي وي لائسنس جي جاري ۽ ڪراچي پورٽ قاسم جي ڀرسان ٽرانسپورٽ گاڏين جي لاءِ پارڪنگ جي فراهمي جو به مطالبو ڪيو هن چيو ته بلوچستان ۾ ٽرانسپورٽرز طرفان گاڏين کي ساڙڻ جا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. امن امان جي صورتحال بهتر بنائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.
هوڏانهن هن 20 سال پراڻي گاڏين تي پابندي جي قانون ۽ روڊ حادثن جي صورت ۾ 97 لک روپيه ديت جي قانون کي رد ڪندي انهي کي فوري واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. جڏهن ته سنڌ ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي دوران ٿرڊ پارٽي انشورنس جي نالي تي مبينه ڀته خوري ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔