ڪراچي: مير رضا آپگهات نه ڪيو آهي، انهي کي 4 گوليون لڳيون آهن: گورنر سنڌ

ڪراچي: سنڌ جي گورنر نهال ڪاشمي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته مير رضا علي آپگهات نه ڪيو آهي انهي کي 4 گوليون لڳيون آهن.

وزيراعظم يوٿ پروگرام جي تحت ليپ ٽاپ ورهاست جي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر نهال هاشمي چيو ته نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ منهنجي لاءِ فخر جوڳو ڪم آهي، اڄ تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ شاگرد قيمتي تحفو حاصل ڪرڻ جي لاءِ موجود آهن، نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ جي ورهاست وزيراعظم شهباز شريف جي ڪاوشن جو نتيجو آهي.

هن چيو ته الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ سڀني کان پهريان اقرا يعني پڙهڻ جو حڪم ڏنو آهي. علم جو سفر اقرا کان شروع ٿئي ٿو. نوجوانن کي تعليم جا موقعا ڏيڻ ضروري آهي، ليپ ٽاپ جي فراهمي نوجوانن کي جديد تعليم ۽ علم کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.

نهال هاشمي چيو ته پاڪستان 25 ارب ڊالر جو آءِ ٽي ايڪسپورٽ جو حدف حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف هميشه تعليم جي شعبي ۾ سرمائيڪاري کي اوليت ڏني آهي. تازو ئي ڪراچي جي هوشيار شاگرد هڪ ڪمپني ٺاهي انهي ملين ڊالرز ۾ ايلون مسڪ کي وڪرو ڪيو، نوجوانن جي اها ڪاميابي پوري قوم ۽ اسان سڀني جي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي.

تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته لاهور ۽ ڪراچي جي ڀيٽ مثبت انداز ۾ ڪرڻ گهرجي. اسان کي هڪ ٻئي تي تنقيد جي بجاءِ هڪ ٻئي  کان ڪم سکڻ گهرجي. وزيراعظم يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم جو هي ڏهون ايڊيشن آهي. هينئر تائين تقريبن 7 لک ليپ ٽاپ شاگردن ۾ ورهائجي چڪا آهن. ايندڙ سال ليپ ٽاپ اسڪيم کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو ارادو آهي.

ڪراچي ۾ نوجوان واپاري جي اغوا، قتل يا آپگهات بابت ڳالهيون ڪندي سنڌ جي گورنر انڪشاف ڪيو ته مير رضا آپگهات نه ڪيو آهي انهي کي 4 گوليون لڳيون آهن، اها منهنجي ڄاڻ آهي. باقي ڪيس جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ڪنهن به نوجوان جي فوتگي اسان جي لاءِ افسوس جي ڳالهه آهي.

هن چيو ته ڪراچي جيترو وڏو شهر آهي اسان کي سيڪيورٽي جي انتظامن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي جتي آبادي وڌيڪ هوندي آهي اتي ڏوهه جي شرح به وڌيڪ هوندي آهي. 2010 ۾ ڏوهه جي شرح وڌيڪ هئي، هاڻ ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔