اسلام آباد: وفاقي وزير توانائي اويس خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان کي بجلي جي پيداوار نه، پر بهتر استعمال ۽ اسٽوريج جو چيلينج پيش آهي.
سولر، اسٽوريج اينڊ فليڪسيبلٽي 2026ع ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير توانائي سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ تاريخي تبديلي جي دور مان گذري رهيو آهي. ملڪ ۾ سولر پاور جي استعداد 38 هزار ميگاواٽ تي پهچي چڪي آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ هاڻ بجلي جي پيداوار نه پر بجلي جي بهتر ۽ استعمال ۽ ذخيرو ڪرڻ جو چيلينج پيش آهي، ڏينهن جي وقت بجلي جي اضافي پيداوار جڏهن ته شام ۾ طلب وڌي ويندي آهي. بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽمز بجلي جي ورهاست ۽ گرڊ جي استحڪام لاءِ ضروري آهن. مقامي وسيلن مان پيدا ٿيل بجلي ملڪي توانائي، خودمختاري کي مضبوط بنائيندي آهي.
اويس لغاري چيو ته درآمدي ٻارڻ واري تيل تي ڀاڙڻ پاڪستان جي معيشت ۽ توانائي سلامتي جي لاءِ خطرو آهي. قطر کان آر ايل اين جي سپلائي متاثر ٿيڻ تي ملڪ کي رات ۾ لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پيو. ڏينهن جي وقت سولر بجلي دستياب هجڻ سان بجلي جي صورتحال بهتر رهي. پاڪستان جي بجلي پيداوار ۾ صاف توانائي جو حصو 55 سيڪڙو تائين پهچي ڇڪو آهي. حڪومت جو 2035 تائين صاف توانائي جي حصي جو 90 سيڪڙو ڪرڻ جو حدف آهي.
هن چيو ته صرف سولر ۽ ونڊ نه، بيٽري اسٽوريج کان سواءِ 90 سيڪڙو ڪلين انرجي حدف حاصل نٿو ٿي سگهي. بيٽري اسٽوريج بجلي کي قومي اثاثو ٺاهڻ ۽ گرڊ کي متوازن رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. حڪومت بيٽري انرجي اسٽوريج جي مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي. پاڪستان ۾ بيٽرين جي درآمد نه پر مقامي مينو فيڪچرنگ کي هٿي ڏني ويندي.
وفاقي وزير چيو ته مقامي انجنيئرنگ، سسٽم، انٽيگريشن ۽ بيٽري مينجمينٽ سافٽ ويئر جي حوصله افزائي ڪئي ويندي. صنعت واري وزارت مقامي بيٽري مينو فيڪچرنگ پاليسي کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي. حڪومت نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽي بيرٽري انرجي اسٽوريج سسٽم لاڳو ڪري رهي آهي. بي اي ايس ايس جي لاءِ ٽيڪنيڪل ۽ ريگوليٽري ورڪنگ گروپس جوڙيا ويا آهن.
هن ٻڌايو ته ڊسڪوز ۾ بيٽري انرجي اسٽريج جي پائلٽ منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي، پائلٽ منصوبن سان حاصل ٿيندڙ ڊيٽا مستقبل جي ريگوليٽري پاليسي جي بنياد تي بڻجندو. حڪومت قومي بيٽري انرجي اسٽوريج فريم ورڪ جوڙي رهي آهي. نئين فريم ورڪ ۾ حفاقي معيار، گرڊ ڪنيڪشن ۽ سرمائيڪاري جا واضح قائدا شامل هوندا.
اويس احمد خان لغاري چيو ته پاڪستان دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ ورهاست توانائي منڊين ۾ شامل ٿي چڪو آهي. حڪومت سرمائيڪارين کي واضح ۽ ڊگهي مدي جو ريگوليٽري فريم ورڪ فراهم ڪندو.
توانائي واري وزير انهي موقعي تي عالمي سرمائيڪارن ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته ڪانفرنس جون سفارشون سڌو سنئون حڪومت پاليسي سازي جو حصو بڻجنديون. هن چيو ته حڪومت نمائشي رپورٽس نه پر قابل عمل ۽ حقيقت تي ٻڌل تجويزون چاهي ٿي. پاڪستان جي توانائي جو مستقبل مقامي سج، مقامي انجنيئرز ۽ مقامي بيٽري اسٽوريج سان جڙيل آهي.
تبصرے بند ہیں۔