ماڻهن کي مارڻ نٿو چاهيان، ايران سان ڳالهيون اڄ کان شروع ٿينديون: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن:  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اڄ اهم ڳالهيون ٿينديون پر هن ڪنهن به امڪاني معاهدي جي لاءِ ڪابه حتمي ڊيڊ لائن ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي.

نيوجرسي کان واشنگٽن واپسي جي دوران صحافين سان ڳالهين ۾ ٽرمپ چيو ته ايران سان ڳالهيون سومر جي ٻنپهرن جو شروع ٿينديون پر هن اهو ناهي ٻڌايو ته اهي ڳالهيون ڪٿي ٿينديون ۽ انهي ۾ ڪير، ڪير شريڪ ٿيندو.

انهي کان اڳ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي دعويٰ ڪئي هئي ته ايران، سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ قطر آمريڪا کان حملو ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ته جيئن آبنائي هرمز کي فوري طور تي ٻيهر کولي   سگهجي ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام تي هڪ معاهدو طئي ڪري سگهجي.

جڏهن ٽرمپ کان پڇيو ويو ته ايران جي لاءِ ڪا آخري مهلت مقرر ڪئي وئي آهي ته هن سڌو سنئون جواب ڏيڻ کان پاسو ڪندو چيو ته مان معاهدو ڪرڻ پسند ڪندس، مان ماڻهن کي مارڻ نٿو چاهيان ڇو ته جنگ ۾ تمام گهڻا ماڻهو مارجي ويندا آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي صدر گذريل ڪيترن مهينن کان ايران جي خلاف سخت موقف اختيار ڪندو رهيو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا نون حملن جون ڌمڪيون به ڏئي چڪو آهي پر هر ڀيري ڳالهين کي  موقعو ڏيڻ جي لاءِ فوجي ڪارروائي ملتوي ڪندو رهيو آهي.

ٻئي طرف ايران طرفان آبنائي هرمز جي بندش سبب عالمي توانائي منڊي شديد دٻاءُ جو شڪار آهي، دنيا جي تقريبن 20 سيڪڙو تيل ۽ قدرتي گيس جي ورهاست انهي اهم بحري رستي تان ٿيندي آهي جنهن جي بندش سان عالمي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ۽  مهانگائي جا خدشا وڌي ويا آهن.

صدر ٽرمپ چيو ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ آمريڪا جي اولين ترجيح آهي پر وڌندڙ توانائي قيمتون ۽ معاشي دٻاءُ سبب اسان تي جنگ جي بجاءِ سفارتي حل ڳولا ڪرڻ جي لاءِ سياسي دٻاءُ به وڌي رهيو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔