آزاد ڪشمير اسيمبلي جي ٻئي مرحلي جون چونڊون: مسلم ليگ(ن) 14، پيپلز پارٽي 5 تڪن تي ڪامياب

مظفرآباد:  آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئين مرحلي ۾ هينئر تائين جي غير سرڪاري  ۽ غير حتمي نتيجن ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن) 14 سيٽن تي ڪاميابي سان ميدان ماري ورتو جڏهن ته پيپلز پارٽي جي حصي ۾ هينئر تائين جي غير سرڪاري غير نتيجن موجب 5 سيٽون آيون آهن.

آچر تي آزاد جمون، ڪشمير قانونساز اسيمبلي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ مظفر آباد ڊويزن جي 8 تڪن ۽ پناهگيرن جي 12 سيٽن تي ووٽنگ ٿي. مظفر آباد ڊويزن جي 8 تڪن تي پولنگ شام 6 وڳي تائين جاري رهي، جڏهن ته تڪ ايل اي 27 ۾ موسم جي خرابي ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب عملو ۽ پولنگ جو سامان نه پهچي سگهيو، سمورين 196 پولنگ اسٽيشنن تي چونڊون ملتوي ڪيون ويون.

20 تڪن مان 18 جا مڪمل غير سرڪاري غير حتمي نتيجا سامهون اچي ويا آهن جنهن موجب مسلم ليگ(ن) 15 تڪن تي، جڏهن ته پيپلز پارٽي 6 تڪن تان ڪامياب ٿي آهي جڏهن ته هڪ تڪ تي پولنگ خراب موسم سبب ملتوي ڪئي وئي.

ايل اي 25 نيلم ويلي 1 جي سمورن 143 پولنگ اسٽيشن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب مسلم ليگ(ن) جو شاهه غلام قادر 18925 ووٽ تي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ميان عبدالوحيد 13596 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ايل اي 29 مظفر آباد 3 تان پيپلز پارٽي جو سردار مختار خان 19 هزار 792 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته مسلم لي(ن) جي بيرسٽر افتخار علي گيلاني 16 هزار 413 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

ايل اي 26 نيلم ويلي 2 جي سمورن 135 پولنگ اسٽيشنن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا سامهون اچي ويا جنهن موجب پيپلز پارٽي جي ميان عبدالوحيد 17466 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته مسلم ليگ(ن) جي شاهه غلام قادر 15494 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.

 

تبصرے بند ہیں۔