آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ مسلم ليگ(ن) کي اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد:  پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ شفاف چونڊون ٿيون(ن) ليگ حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ سادي اڪثريت به حاصل ڪري ورتي آهي.

اسلام آباد ۾ وفاقي وزير امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته (ن) ليگ 45 مان 23 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري چڪي آهي. 10 تاريخ تي چونڊن جي ٽئين مرحلي جي بعد پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويندو. هن ٻڌايو ته ٻئين مرحلي ۾ 20 سيٽن تي چونڊون ٿيون جنهن مان(ن) ليگ 13 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته پيپلز پارٽي صرف  3 سيٽون حاصل ڪري سگهي، (ن) ليگ مظفر آباد جون 4 سيٽون به پنهنجي نالي ڪيون.

راڻا ثناءُالله چيو ته 12 پناهگيرن جي سيٽن مان 10 تي(ن) ليگ ڪامياب رهي جڏهن ته پيپلز پارٽي پناهگيرن جي 2 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي.

وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ڪشمير جي عوام نوازشريف جي وزن کي ووٽ ڏنو جنهن تي اسان سندس ٿورائتا آهيون، سمورن ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. آزاد ڪشمير ۾ هڪ جمهوري ۽ عوامي مينڊيٽ سان حڪومت تيار ٿي رهي آهي.

هن يقين ڏياريو ته مسلم ليگ(ن_س) جي حڪومت سمورا عوامي مسئلا حل ڪندي ۽ نوازشريف عوام سان جيڪي واعدا ڪيا آهن اهي پورا ڪندو. پريس ڪانفرنس جي دوران راڻا ثناءُالله الزام لڳايو ته پيپلز پارٽي پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي سان گڏجي مظفر آباد ۾ هڪ چوڪ تي هنگامو ڪرايو  ۽ پوليس جي پهچڻ تي فائرنگ به ڪئي وئي.

هن چيو ته هڪ شخص جي مارجي وڃڻ سان شهر ۾ خوف حراس پکڙجي ويو جنهن سبب ٽرن آئوٽ گهٽ ٿي ويو(ن) ليگ کي سٽي جي سيٽ تان  شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته چوڌري لطيف اڪبر تي قاتلاڻي حملي جو ڊرامو ڪيو ويو، مڪن ۽ گارين کي قاتلاڻو حملو قرار ڏنو ويو جڏهن ته ميڊيڪل ڪرائڻ کان به انڪار ڪيو ويو.

 

تبصرے بند ہیں۔