اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف آزاد جمون، ڪشميرقانونساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.
آزاد جمون، ڪشمير چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ برتري تي وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ محمد نوازشريف ۽ ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڪاميابين جو اهو تسلسل مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف ۽ مسلم ليگ(ن) جي سموري ٽيم جي محنت جو ثمر آهي.
هن چيو ته مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻي ۾ مسلم ليگ(ن) جي ٽيم آزاد جمون، ڪشمير ۾ انتهائي ڪامياب چونڊ مهم هلائي، مسلم ليگ(ن) جي ڪاميابي آزاد جمون، ڪشمير جي عوام جو مسلم ليگ(ن) جي پاليسين تي ڀروسي جو ثبوت آهي.
شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آزاد جمون، ڪشمير جي ترقي، خوشحالي ۽ اتان جي عوام جي فلاح، بهبود مسلم ليگ(ن) جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ سياسي پارٽين ڀرپور حصو ورتو جنهن سان جمهوري عمل وڌيڪ مضبوط ٿيندو.
تبصرے بند ہیں۔