ڪراچي : پاڪستان جي ٽي وي شو هوسٽ مٿيرا چيو آهي ته اسان مڙسن (مرد کي) مشين بڻائي ڇڏيو آهي. حال ۾ ئي مٿيرا هڪ انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن زندگي جي مختلف پهلوئن سميت مردن ۽ عورتن جي حوالي سان گفتگو ڪئي. انٽرويو دوران هن مردن جو ساٿ ڏيندي چيو ته اسان جي سماج ۾ مردن سان تمام گهڻي زيادتي ٿئي ٿي. مونکي ائين لڳي ٿو ته جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن مرد کي چوي ته “مونکي هٿ ڪيئن لڳايو”، ته لوگ کيس مارڻ اچي ويندا، ماڻهو اهو نه پڇندا ته هٿ لڳايو به اٿس يا نه. هن چيو ته اسان پنهنجن مردن کي مشين بڻائي ڇڏيو آهي، مردن ۾ احساس ناهي وڌو ويندو ۽ اسان مٿن ذميواريون وجهندا رهون ٿا. هو ان ڪم ۾ ايترو ختم ٿي وڃي ٿو جو هو نه سٺو پيءُ، نه سٺو ڀاءُ ۽ نه ئي سٺو مڙس بڻجي سگهي ٿو، پوءِ هو سڀني لاءِ خراب ٿي وڃي ٿو. مٿيرا جو چوڻ هو ته اسان جي سماج ۾ اهڙا ڪيترائي مرد آهن جيڪي ڊپريشن جو شڪار آهن پر هو پنهنجا احساس ڪنهن کي ڏيکاري نٿا سگهن، هو پنهنجن دوستن ۾ ويهي اهو نٿو چئي سگهي ته “اڄ دل تمام گهڻي ڏکي رهي آهي،
تبصرے بند ہیں۔