نيپرا بجلي نوانوي پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
نيپرا جي ترجمان موجب بجلي جي قيمت ۾ في يونٽ 99 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي جيڪا اپريل کان جون 2021 جي ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته بجلي سستي ڪرڻ وارو فيصلو نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. ان فيصلي سان صارفين کي 22 ارب روپين جو رليف ملي سگهندو.
ترجمان موجب قيمتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڪي اليڪٽرڪ کان سواءِ سمورن بجلي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين لاءِ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔