فورسز جو ٽانڪ ۽ مير علي ۾ آپريشن، 4 اھلڪار شھيد، 2 دھشتگرد به مارجي ويا

ڪراچي: اُتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۽ ٽانڪ ۾ آپريشن دوران دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي

آءِ ايس پي آر موجب هڪ دهشتگرد گرفتار ڪري هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي، شهيد اهلڪارن ۾ بهاولنگر واسي حوالدار منور، لڪي مروت واسي سپاهي ذڪاءُ الله، ڪوهاٽ واسي فرحان ۽ ايبٽ آباد واسي سپاهي شيراز شامل آھن

جڏھن تھ ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن جي شاهزيب عرف ذاڪر ۽ دانيال طور سڃاڻپ ٿي آھي، علائقن ۾ آپريشن تيز ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔