براؤزنگ عالمي خبرون

عالمي خبرون

ڪورونا وبا جي ڪري اڻهتر ملڪن جي سياحت بند

ميڊرڊ: ڪورونا وبا جي ڦهلاءَ کي نظر ۾ رکندي سموري دنيا جي 69 ملڪن ۾ سياحت بند ڪئي وئي. سياحت جي عالمي تنظيم پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب ڪورونا وبا جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ پوري دنيا ۾ سعودي عرب سميت 69 ملڪن ۾ سياحت بند ڪئي وئي. رپورٽ موجب

آمريڪا پاڪستان کي ترڪي کان ملندڙ گن شپ هيلي ڪاپٽرز جي فراهمي روڪرائي ڇڏي

انقره: آمريڪا پاڪستان کي ترڪي طرفان گن شپ هيليڪاپٽر جي فراهمي کي روڪرائي ڇڏيو آهي.بلوم برگ جي رپورٽ موجب ترڪ صدر طيب اردگان جي ترجمان ابراهيم ڪالن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو آهي ته آمريڪا پاران ترڪي طرفان پاڪستان کي 30 گن شپ هيليڪاپٽر جي

اسرائيلي وزيراعظم هڪ دفعو ٻيهر عرب امارات جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

تل ابيب: اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو متحده عرب امارات جو دورو هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.اسرائيلي ميڊيا موجب وزيراعظم نيتن ياهو متحده عرب امارات جو دورو هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو سبب سندس گهر واري جي طبيعت خراب ٻڌائي پئي

شهزادي هيري ۽ ميگهن جي انڪشافن بعد شاهي خاندان جو ردعمل اچي ويو

لنڊن: برطانوي شاهي خاندان تي شهزادي هيري جي زال جي الزامن تي برطانيا جي ملڪه ايلزبيٿ جو ردعمل سامهون اچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانيا جي ملڪه چيو آهي ته کيس سندس پوٽي شهزادي هيري ۽ سندس زال کي آيل ڏکين حالتن تي افسوس آهي ۽ سندس پٽ

ڀارت ۽ بنگلاديش کي ملائيندڙ پل جو افتتاح

نئين دهلي: وزيراعظم مودي ڀارت ۽ بنگلاديش کي ملائيندڙ پل جو افتتاح ڪري ڇڏيو. عالمي خابرو اداري موجب وزيراعظم نريندر مودي وڊيو ڪانفرنس ذريعي ڀارتي رياست تريپورا ۽ بنگلاديش وچ ۾ وهندڙ فيني درياءَ تي ٺاهيل پل”ميتري سيتو“ يعني دوستي جي پل جو

آفريقي ملڪ استوائي گني ۾ ڇانوڻي اندر بارودي مواد ۾ ڌماڪو، هڪ سئو ڄڻا فوت

ڪوناڪري: اولهه آفريقي ملڪ استوائي گني جي فوجي ڇانوڻي ۾ گذريل ڏينهن زوردار ڌماڪي بعد باهه سبب مري ويلن جو انگ 100 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. عالمي خابرو اداري موجب آفريقي ملڪ گني جي هڪ فوجي ڇانوڻي وٽ ماڻهن ٻني ۾ باهه

آمريڪا جنگي علائقن کانسواءِ ٻين جاين تي ڊرون حملا روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر جوبائيڊن انتظاميا جنگ زده علائقن کانسواءِ باقي ٻين جاين تي ڊرون حملا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پينٽاگان جو چوڻ آهي ته اهڙا علائقا جتي آمريڪي فوج هجي پر جنگ نه هجي ته اهڙين جاين تي ڊرون حملن کي روڪيو ويو آهي. ترجمان جو

سعودي عرب ۾ آئل پلانٽ تي حوثي باغين جو راڪيٽ حملو

رياض: سعودي عرب جي آئل پلانٽ تي يمني حوثي باغين راڪيٽ سان حملو ڪري ڏنو. عالمي خابرو اداري موجب سعودي عرب جي توانائي وزارت ملڪ جي اوڀر واري علائقي راس تنوره ۾ تيل جي ذخيرن مان هڪ تي راڪيٽ حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته راڪيٽ کي هوا ۾ ئي ناڪاره

ايران پنجن سالن کان قيد برطانوي عورت کي آزاد ڪري ڇڏيو

تهران: ايران 5 سالن کان قيد ايراني ڄائي برطانوي عورت نازنين زغاري ريٽڪلف کي آزاد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب نازنين زغاري جي آزادي بعد هڪ ٻئي الزام ۾ سمن جاري ڪندي 14 مارچ تي طلب ڪري ڇڏيو. نازنين زغاري کي 2016 ۾ رياست خلاف سرگرمين ۾ ملوث

افغانستان ۾ فوجي چيڪ پوسٽ مٿان حملو، ست اهلڪار مارجي ويا

ڪابل: 7 اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.افغان ميڊيا موجب بلخ جي ضلعي چمتل ۾ فوجي چيڪ پوسٽ تي طالبان ويڙهاڪن حملو ڪري ڏنو. حملو ايترو زوردار هو جو فوجي اهلڪارن کي سنڀلجڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهي پر ان باوجود به فوجي اهلڪارن طرفان