هيٽي ۾ زلزلي جي تباهي، 304 ماڻهو اجل جو شڪار، هزارين زخمي

ڪيربيئن ٻيٽ هيٽي ۾ 7.2 شدت جي طاقتور زلزلي جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويلن جو تعداد 304 ٿي ويو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب اتر آمريڪي ملڪ هيٽي ۾ زلزلي جي ڪري وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي، گذريل ڏينهن آيل زلزلي هيٽي ۾ هر طرف تباهي مچائي ڇڏي ۽ فوتين جو تعداد وڌي 304 تائين پهچي ويو، جڏهن ته 1800 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب زلزلي جي تنيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون مٽي جون ڍير بڻجي ويون، متاثر علائقن امدادي ڪارراين جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته مقامي عملدارن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته فوتگيون وڌي سگهن ٿيون، واضح رهي ته گذريل ڏينهن هيٽي ۾ 7 ڏهائي 2 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو هو، زلزلي جي مرڪز ويجهو وڏو شهر ليس ڪيز هو جنهن جي آبادي 126,000 جي لڳ ڀڳ هئي، پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيترائي زخمي امداد جا منتظر آهي ۽ ماڻهو عمارتون ڪرڻ جي خوف سان گهر خالي ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔