دنيا جو خوش قسمت انسان:موت کي 7 ڀيرا شڪست ۽ 18 ڪروڙ جي لاٽري کٽي چڪو

دنيا جو خوش قسمت انسان موت کي 7 ڀيرا شڪست ۽ 18 ڪروڙ جي لاٽري کٽي چڪو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪروشيا ۾ 1929 ۾ فرين سلڪ نالي شهري اهڙي قسمت کڻي دنيا ۾ آيو جيڪا ٿورڙن ماڻهن کي ملندي آهي. فرين سلڪ 1962 ۾ 33 سالن جي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو هڪ ريل حادثي جو شڪار ٿيو ان حادثي ۾ 17 ماڻهو فوت ٿي ويا پر هو خوش قسمتي سان بچي ويو، اڳئين ئي سال 1963 ۾ فرين سلڪ پهريون ڀيرو هوائي جهاز ۾ سفر ڪيو ۽ جهاز فني خرابي سبب ٻن حصن ۾ ٽٽي ويو خوش قسمتي وري به سندس ساٿ ڏنو ۽ جهاز جو در ٽٽڻ دوارن فرين ان مان نڪري گاهه تي وڃي ڪريو جڏهن9 ته جهاز ۾ سوار سمورا مسافر ۽ عملو مارجي ويو.ٽن سالن بعد 1966 ۾ فرين سلڪ هڪ بس ۾ سوار هو ته گاڏي روڊ تي ترڪي اونڌي ٿي درياهه ۾ وڃي ڪري جنهن سبب بس ۾ سوار 4 ماڻهو ٻڏي فوت ٿي ويا پر خوش قسمتي سان فرين سلڪ بچي نڪتو، لاڳيتو ٽن خطرناڪ حادثن بعد فرين سلڪ پنهنجي ڪار ورتي ۽ 1970 ۾ سفر دوران اوچتو گاڏي کي باهه لڳي وئي ۽ ڌماڪي بعد ڪار تباهه ٿي وئي پر فرين سلڪ بچي ويو، سلڪ هڪ ڀيرو وري 1973 ۾ ڪار، 1995 ۾ بس حادثن ۽ 1996 ۾ ڪار کاهي ۾ ڪرڻ باوجود موت کي شڪست ڏئي بچي ويو، فرين سلڪ جي قسمت واري ديوي رڳو کيس موت جي منهن مان نه بچايو پر کيس ڪروڙ پتي به بڻايو، خوش قسمت شهري 2003 ۾ هڪ لاٽري خريد ڪئي جيڪا لڳي وئي ۽ کيس 18 ڪروڙ رپين جو انعام مليو، اهڙي ريت ان لاٽري وسيلي هو ڪروڙ پتي بڻجي ويو. فرين سلڪ انعامي رقم مان گهر۽ گاڏيون خريد ڪيون پر 2010 ۾ اهي ۽ سموري دولت دوستن ۽ مائٽن ۾ ورهائي ڇڏي.73 ورهين جي پيرسن شهري فرين سلڪ هن وقت به پنهنجي پراڻي گهر ۾ پرسڪون زندگي گذاري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔