ڪورونا وبا دوران ڄمندڙ ٻارن تي ڪهڙا اثر پوندا؟

ڪورونا وبا جتي سماجي رابطن ۽ وڻج واپار جي حساب سان عالمي پريشاني جو سبب بڻيل آهي اتي ان جا صحت تي پوندڙ اثر به نظر انداز ڪرڻ جوڳا ڪڏهن به ناهن.
ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ سبب ساهه جي تڪليف جي ڪري ڪيترائي ماڻهو زندگيون وڃائي چڪا آهن پر تنهن باوجود به ان مرض ۾ مبتلا هجڻ ۽ ان وائرس جي ڦهلجڻ جي حوالي سان مختلف ويڪسينز اچي چڪيون آهن جن جو استعمال ڪورونا وائرس جي نقصانن کان بچائڻ لاءِ گهڻي حد تائين مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، اهڙي ئي ريت ان وبا ۾ احتياط ڪرڻ سان به گهڻي حد تائين ان وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچي سگهجي ٿو جنهن ۾ ماسڪ جو استعمال اهم ڪردار نڀائي ٿو.
تنهن باوجود به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيندڙن جي صحت تي ڪيترائي نقصان ٿين ٿا جيڪي نه رڳو عارضي پر مستقبل طور تي انسان جي جسم ۾ رهجي وڃن ٿا.
ان جي باوجود آمريڪا ۾ ٿيل هڪ اهڙي طبي تحقيق سامهون آئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪورونا وبا دوران تازي ڄاول ٻارن تي به وڏا خطرناڪ اثر پون ٿا.
ماهرن چيو آهي ته ڪورونا وبا ۾ ڄمندڙ ٻار گهڻ ڳالهائو، حاضر دماغي، شارپ مائينڊ هجڻ سميت گڏيل ذهني ڪارڪردگي ۾ ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ پوئتي هوندا.
پيدائش کانپوءِ سڄي زندگي لاءِ شروعاتي سال ٻارڙن جي واڌ ويجهه لاءِ گهڻو اهم هوندا آهن، پر ڪووڊ وبا جي ڪري ڪاروبار، نرسريون، اسڪول ۽ راندين واري ميدانن جي بندش جي ڪري ننڍن ٻارن جي زندگيون وڏي حد تائين مٽجي ويون آهن.
برائون يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گهر ۾ ذهني واڌ ويجهه جو محدود ماحول ۽ ٻاهرين دنيا سان گهٽ واسطو هجڻ جي ڪري ان وبا دوران پيدا ٿيندڙ ٻار ذهني واڌ ويجهه جي جاچ پڙتال لاءِ ڊيزائن ڪيل ٽيسن ۾ حيران ڪندڙ حد تائين گهٽ مارڪون کڻي رهيا آهن.
تحقيق موجب وبا کان اڳ پيدا ٿيندڙ ٽن مهينن کان ٽن سالن واري عمر جا ٻار جيڪڏهن 100 جي لڳ ڀڳ اسڪور حاصل ڪن ٿا ته وبا جي دوران پيدا ٿيل ٻارن جو اسڪول 78 آهي.
ماهرن چيو آهي ته اها ڳالهه هر لحاظ کان حيران ڪندڙ آهي ڇو ته توهان وڏي ذهني مرض کان هٽي اهڙا مسئلا ناهيو ڏسندا.
ان تحقيق ۾ آمريڪي رياست رهوڊ آئي لينڊ جي 672 ٻارن کي شامل ڪيو ويو جن مان 188 جي پيدائش جولاءِ 2020 کان اڳ ٿي هئي جڏهن ته 308 جنوري 2019 کان اڳ پيدا ٿيا هئا.
باقي 176 ٻارن جنوري 2019 کان مارچ 2020 جي وچ ۾ پيدا ٿيا هئا.
ماهرن موجب ٻارڙن ۾ ذهني يا آءِ ڪيو ليول ۾ گهٽتائي جو وڏو سبب گهرن ۾ سندن والدين ۾ پريشاني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ انهن جو تعلق معمول موجب نه رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔