البانيا افغانين کي پناهه ڏيڻ لاءِ تيار

ترانا : البانيا آمريڪا جي درخواست تي افغانين کي پناهه ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
البانيا جي وزيراعظم ايڊي راما چيو آهي ته آمريڪا جي درخواست تي افغان پناهگيرن کي عارضي طور ترسائڻ لاءِ تيار آهيون، جتان اهري آمريڪا جي ويزن لاءِ درخواست جمع ڪرائي سگهندا.
سندس موجب بائيڊن انتظاميا تازو نيٽو جي رڪن ملڪ البانيا کي درخواست ڪئي هئي ته اهي هڪ ٽرانزٽ ملڪ جون خدمتون انجام ڏئي سگهن ٿا، جتان افغان پناهگيرن کي آمريڪا منتقل ڪيو ويندو.
راما پنهنجي فيس بُڪ اڪائونٽ تي بيان ۾ لکيو ته پنهنجي اهم ترين اتحادي ملڪ کي انڪار نٿا ڪري سگهون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔