سجل علي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي، سوشل ميڊيا تي تبصرا

پاڪستاني شوبز جي ناليواري اداڪارا سجل علي هڪ وڏي خوشخبري ٻڌائي آهي پر ان حوالي سان ان خبر جي تصديق اڃا به رهيل آهي.
سوشل ميڊيا رپورٽن موجب اداڪارا سجل علي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مٺائي جي ڦوٽو سان گڏ ٻار پيدا ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائي آهي.
اداڪارا طرفان شيئر ڪيل اسٽوريز ۾ هڪ ته مٺائي جو دٻو آهي ٻئي پاسي تازي ڄاول ٻار جي سوئيٽر ۽ جوراب سبڻ جي هڪ ننڍي وڊيو به شيئر ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي سجل علي طرفان اهڙي اسٽوري شيئر ڪرڻ کانپوءِ ان جي واهپيدارن مختلف تبصرا شروع ڪري ڇڏيا آهن جن موجب ته يا ته اداڪارا کي ڪٿان مٺائي ملي آهي يا پنهنجي خاندان جي هڪ ٻار جي اچڻ جي خوشخبري ٻڌائي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔