پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو فيصلو

اسلام آباد : ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
اوگرا طرفان گذريل ڏينهن پيٽرول جي قيمت ۾ 50 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 50 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي هئي.
ناڻي واري وزارت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار رکيا ويا آهن پر گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل مهانگو ڪيو ويو آهي.
پڌرائيءَ موجب گاسليٽ 81 پئسا في ليٽر، جڏهن ته لائٽ ڊيزل هڪ رپيو 10 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمت 119 رپيا 80 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 116 رپيا 53 پئسا في ليٽر تي برقرار رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔