سڄي ملڪ ۾ پھرين کان پنجين درجي تائين ھڪجھڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ پهرين کان پنجين درجي تائين هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو تھ افغانستان ۾ غلامي جون زنجيرون ٽوڙيون ويون آهن، ذهني غلامي ختم ٿيڻ تائين دنيا جي ڪابه قوم اڳتي نٿي وڌي سگهي، عمران خان سڄي ملڪ ۾ پهرين کان پنجين درجي تائين هڪجهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو ته 70سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن هڪ نصاب لاڳو ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيو، اسان تاريخي قدم کنيو آهي، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو تھ غلامي جا زنجير ٽوڙڻ تمام ضروري آهن، ماڻهن چيو ته ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليمي نظام ممڪن ناهي، اسان هڪ جهڙو تعليمي نظام آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، ماضي جي نصاب سبب معاشرو ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويو، انگريزن حڪمراني لاءِ ٻه طبقا ٺاهيا هئا، تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ وزيراعظم چيو تھ اسان ظلم ڪيو،آزادي بعد هڪ نصاب نه آندو.
وزيراعظم عمران خان جو چوڻ ھو تھ دنيا ۾ هڪ جهڙو ۽ اسان وٽ ٽي تعليمي نظام آهن، انگريزي، اردو ۽ مدرسي جو نصاب هڪ جهڙو ناهي، هائر ايجوڪيشن لاءِ انگريزي سکڻ ضروري آهي، هڪ جهڙو تعليمي نظام آزادي جي اصل واٽ آهي، غلام ذهن ڪڏهن به عظيم ڪم نه ٿو ڪري سگهي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو تھ پاڪستان ۾ هڪ جهڙو تعليمي نصاب جاري ڪيو آھي، پهريون ڀيرو هڪ جهڙو نصاب رائج ڪري ڇڏيو، نئين نصاب جي عمل ۾ اڻ ڳڻين مرحلن مان گذرڻو پيو، نئون تعليمي نصاب هڪ وڏو انقلابي قدم آهي، هاڻي پاڪستاني ٻار هڪ ئي نصاب پڙهندا.

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔