ڪنهن کان پلاند نه وٺنداسين: ملا بردار

ڪابل: طالبان جي شريڪ باني ملا بردار غني چيو آهي ته ڪنهن کان به پلاند نه ورتو ويندو.
گذريل رات صدر اشرف غني طرفان ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ ويڙهاڪن پنهنجي فتح جو اعلان ڪندي چيو آهي ته افغان عوام کي ڊڄڻ نه گهرجي، گڏوگڏ ڪابل تي قبضي کانپوءِ سومر ڏينهن طالبان گشت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.
طالبان جي شريڪ باني ملا بردار غني سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ بيان ۾ اولهه ملڪن کي خاطري ڪرائي ته اسان انهن کان پلاند نه وٺنداسين، جن گذريل 20 سالن دوران آمريڪي اتحادي فوجن سان سهڪار ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀني جي سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين پر افغان عوام کي ان حوالي سان شڪ ۽ شبها آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔