پهرين ٽيسٽ ۾ ساهه سُڪائيندڙ مقابلي کانپوءِ ويسٽ انڊيز ڪامياب

ڪنگسٽن : ويسٽ انڊيز پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي 2 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان طرفان مليل 168 رنسن جو هدف ميزبان ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
فاتح ٽيم طرفان ٻي اننگز ۾ جرمين بليڪ ووڊ 55، روسٽن چيز 22، جيسن هولڊر 16، ڊي سلوا 13، جوميل ويريڪن 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڪيمار روچ ناٽ آئوٽ 30 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
پاڪستان طرفان ٻي اننگز ۾ شاهين آفريدي 4، حسن علي 3، جڏهن ته فهيم اشرف 2 وڪيٽون ورتيون.
واضح رهي ته قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 217 ۽ ٻي اننگز ۾ 203 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته ويسٽ انڊين ٽيم پهرين اننگز ۾ 253 رنسن تي آئوٽ ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔