لنڊن : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ لنڊن ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي فون ڊيٽا حاصل ڪري ورتي آهي.بورڊ لارڊز ٽيسٽ ۾ شڪست کان پوءِ امام الحق ۽ محمد رضوان خلاف جاچ جو دائرو وڌايو آهي، جڏهن ته جيڪڏهن پڪو ثبوت مليا ته انهن کي ڳري جرمانه ۽ پابندين جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.ٻنهي ڪرڪيٽرن جي سرگرمين کان علاوه، اهو به جانچيو پيو وڃي ته ٻئي رانديگر ڪهڙن سان رابطي ۾ هئا.اهو به ممڪن آهي ته مستقبل ۾ انهن کي پاڪستان ٽيم لاءِ کيڏڻ جو موقعو نه ملي سگهي.قابل اعتماد ذريعن جو چوڻ آهي ته لارڊز ٽيسٽ ۾ 194 رنسن جي شڪست کان پوءِ هوٽل پهچڻ تي، ٽيم جي سيڪيورٽي آفيسر ٻنهي رانديگرن جا موبائل فون پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ، ڊيٽا ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو ۽ فون انهن کي واپس ڪيا ويا.جڏهن رابطو ڪيو ويو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان ان جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔