ڪنڊيارو: عورت هڪ ئي وقت چئن ٻارن کي جنم ڏئي ڇڏيو

ڪنڊياري ۾ عورت هڪ ئي وقت چئن ٻارن کي جنم ڏئي ڇڏيو.
ڪنڊياري جي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ ويم لاءِ آيل عورت کي هڪ ئي وقت چئن ٻارن جو اولاد ٿيو آهي.
عورت ڪوٽڙي ڪبير لڳ ڳوٺ گل سولنگي جي رهواسي امجد سولنگي جي گهرواري آهي، جنهن کي ڄمندڙ ٻارڙن ۾ 2 پٽ 2 نياڻيون شامل آهن.
ميڊيڪل سينٽر جي ذريعن موجب ماءُ ۽ ٽي ٻارڙا صحت مند آھن، جڏهن ته هڪ نياڻي مئل ڄائي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔